رانديون

بارسلونا پاران ميسي جي واپسي جي ڪوشش، فٽبالر اشارو نھ ڏنو

ارجنٽينا کي ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ اسٽار فٽبالر ليونل ميسي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيم ۾ واپس آڻڻ لاءِ سندس اڳوڻي ڪلب بارسلونا ڀرپور نموني سان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پر ميسي موقف اختيار ڪيو آهي تھ بارسلونا پاران ساڻس اڃا ڪو رابطو ناهي ٿيو، نھ وري مون کي ڪا آڇ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن بارسلونا جي مينيجر زاوي هرنينڊس جو چوڻ آهي تھ ميسي کي واپس آڻڻ جو مشورو ڪلب جي صدر کي ڏئي چڪو آهيان، ڇوتھ ميسي ڪلب ۾ واپس آيو تھ هو اسان جي وڏي مدد ڪري سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سعودي ڪلب الهلال بھ ميسي کي وڏي آڇ ڏئي چڪي، پر ان معاملي تي اڃا تائين حتمي فيصلو اڃا نھ ٿي سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button