رانديون

انگلينڊ جي بيٽرز ڊڪيٽ ۽ اولي پوپ سينچريون ٺاهي ورتيون

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽرز بين ڊڪيٽ ۽ اولي پوپ جارحاڻي راند کيڏندي هڪٻئي پويان سينچريون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق لارڊز جي تاريخي ميدان تي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ انگلش بيٽرن ٽيم جي پوزيشن کي مضبوط بڻائي ورتو آهي. ان کان اڳ اوپنر زيڪ ڪرائولي 56 رنسون ٺاهي بالر فئيون هينڊ هٿان آئوٽ ٿي ويو آهي. ياد رهي تھ آئرلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 172 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button