رانديون

ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽيسٽ جي بادشاهت لاءِ سڀاڻي کان ويڙهه شروع

ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽيسٽ جي بادشاهت لاءِ سڀاڻي کان ويڙهه شروع ٿي رهي آهي، جنهن جي تياري مڪمل آهي. ميڊيا مطابق لنڊن ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏڻ جي ٻنهي ٽيمن تياري ڪري ورتي، جنهن دوران رانديگرن مقامي ڪنڊيشنز سان هم آهنگ ٿيڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيو آهي. هوڏانهن ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ پيٽ ڪمنز ٽرافي جي مهورت ڪئي آهي، ٻئي پاسي ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پريڪٽس پڻ ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ فائنل جي فاتح ٽيم کي 1.6 ملين ڊالرز ۽ رنراپ کي بھ 8 لک ڊالر انعام ۾ ڏنا ويندا. جڏهن تھ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کيڏندڙ 9 ٽيمن ۾ 3.8 ملين ڊالر جا انعام هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button