
سربيا جي ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ ۽ ناروي جي اسٽار رانديگر ڪيسپر رڊ وچ ۾ فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽرافي کٽڻ لاءِ مقابلو سڀاڻي ٿيندو. ميڊيا مطابق پهرين سمي فائنل ۾ نواڪ جوڪووچ مخالف رانديگر ڪارلوس الڪراز کي شڪست ڏني آهي ۽ ٻئي سيمي فائنل ۾ ڪيسپر رڊ جرمني جي رانديگر اليگزيندر زيوريف کي هارائي فائنل ۾ پهتا آهن.