
پاڪستان جي عورت ڪرڪيٽر ڪائنات امتياز چيو آهي تھ ويمن پي ايس ايل ڪرائڻ سان نوجوان ڪرڪيٽرز کي سکڻ جا بهترين موقعا ملندا. ڊجيٽل ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو تھ ويمن پي ايس ايل ۾ پرڏيهي رانديگرياڻيون اينديون، جنهن سان اسان جي ڇوڪرين کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو. عورتون اڄ بھ جڳهه ٺاهڻ لاءِ گهڻي محنت ڪنديون آهن.