ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پهريون مقابلو 15 آڪٽوبر تي ٿيندو، جنهن جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي ورلڊ ڪپ 2023ع جي شيڊول جو ڊرافٽ تيار ڪري آئي سي سي کي موڪلي ڇڏيو آهي. ڊرافٽ تحت پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ پهريون مقابلو 15 آڪٽوبر تي احمد آباد جي وڏي گرائونڊ تي ڪرائڻ جي تجويز شامل آهي، جڏهن تھ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ 5 آڪٽوبر ٿيندي، ڀارت پنهنجي پهرين ميچ ٽن ڏينهن بعد آسٽريليا خلاف کيڏندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ميگا ٽورنامينٽ جو شيڊول آئي سي سي پاران منظور ڪرڻ کان اڳ سمورن ميمبر ملڪن کي ڏنو ويندو تھ جيئن انهن جي تجويزن کي پڻ ڊرافٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. هوڏانهن ايونٽ جا سيمي فائنل 15 ۽ 16 نومبر ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ فائنل 19 نومبر تي احمد آباد ۾ ڪرائڻ جو امڪان آهي، پر ڊرافٽ ۾ انهن جو ذڪر شامل ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڀارت سمورا رائونڊ 9 جڳهين تي کيڏندو، پاڪستان پنهنجا ميچ 5 هنڌن تي کيڏندو، اهڙي ريت پاڪستان 6 ۽ 12 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ڪواليفائر ٽيمن خلاف پڻ کيڏندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close