رانديونسنڌ

ڪرونا جي ڪري غير نصابي سرگرميون معطل رهيون آهن: ميمونا شاهه

حيدرآباد: ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز سنڌ سيده ميمونا شاهه چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ڪري سرڪاري سطح تي غير نصابي سرگرميون ڪافي وقت تائين معطل رهيون، جنهن سبب سنڌ جا ٻارڙا ۽ نوجوان غير نصابي سرگرمين کان محروم رهيا، هاڻي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان اسپورٽس کاتي پاران سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ گرمين جي موڪلن دوران سمر ڪيمپس لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن اسپورٽس کاتي حيدرآباد پاران اسپورٽس بورڊ هاسٽل نياز اسٽيڊيم جي احاطي ۾ منعقد ڪيل سمر ڪيمپ جو بوچي وولو گيم جو بال اڇلائي افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سمر ڪيمپ دوران ٻارن کي مختلف راندين بابت تربيت ۽ آگاهي ڏني ويندي. هڪ سوال تي هن چيو ته حيدرآباد ۾ سمر ڪيمپ يا ٻين راندين جو اهتمام نه صرف وڏن ميدانن ۾ ڪيو ويندو پر گرائونڊ جي بحالي ۽ وڻڪاري بابت اعليٰ اختيارين کي پڻ سفارش ڪئي ويندي، ٻارن کي ڪراٽي، بوچي وولو، شطرنج، باڪسنگ، ٽيبل ٽينس سميت ٻين راندين بابت سکيا ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button