پاڪستانپنجاب

جهانگير ترين عليم خان کي استحڪام پارٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور: استحڪام پاڪستان پارٽي جي سرپرست اعليٰ جهانگير ترين پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو ته عبدالعليم خان کي استحڪام پاڪستان پارٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. جهانگير ترين موجب عامر ڪياني استحڪام پاڪستان پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هوندو، عون چوڌري پارٽي جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل ۽ ترجمان هوندو. هن چيو ته پارٽي جي وڌيڪ عهديدارن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. تازو ئي استحڪام پاڪستان پارٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻن جو وڏو انگ شامل آهي. استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، اڳوڻو وفاقي وزير علي زيدي، فواد چوڌري، فردوس عاشق اعواڻ، عامر ڪياني، جيئي پرڪاش، مراد راس ۽ ٻيا شامل آهن. استحڪام پاڪستان پارٽي جي جهنڊي کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست پڻ جمع ڪرائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button