عالمي

ڪانگو ۾ ويڙهاڪن پناهگير ڪيمپ کي باهه ڏئي ڇڏي،41 ڄڻا فوت

برازاويل: ڪانگو جي عوامي جمهوريه ۾ ڪوڊڪو ويڙهاڪن اٽوري صوبي ۾ هڪ پناهگير ڪيمپ تي حملو ڪيو ۽ ان کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ 41 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪوڊيڪو ويڙهاڪن بي گهر ٿيل ماڻهن جي ڪيمپ ۾ داخل ٿيا، جيڪو اٽوري صوبي ۾ گڏيل قومن جي امن فوج جي بيس کان صرف 5 ڪلوميٽر پري واقع آهي، ويڙهاڪن پهريان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ ان کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته حملي آور قيمتي سامان پڻ ڦري ويا. ڪوڊيڪو جي ويڙهاڪن ڪوآپريٽو فار ڊولپمينٽ جي مدد سان هي حملو ڪيو. هي تنظيم ڪانگو کان آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ عليحدگي پسند ويڙهاڪ گروپن جو اتحاد آهي ۽ ملڪ جي فوجي گاڏين، قافلن ۽ تنصيبات تي حملن ۾ ملوث آهي. سول سوسائٽي جي نمائندي ڊيزائر مالوڊرا اي ايف پي کي ٻڌايو ته حملي آورن ماڻهن کي گوليون هڻي چاقو سان وار ڪيو ۽ ماڻهن کي باهه ڏئي ڇڏي. هڪ مقامي انساني حقن جي گروپ جي سربراهه رائٽرز کي ٻڌايو ته متاثرين کي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button