اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن کي ڀت سان لڳائڻ سان ڪجهه نه ملندو: شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم 9 مئي جي واقعن جي بياني کي بنياد بڻائي اليڪشن ۾ ويندي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن چيو ته شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري اقتدار تان هٽڻ سان ئي بيمار ٿي پوندا آهن، تحريڪ انصاف جي ٽٽڻ باوجود آصف زرداري وٽ ڪا وڏي مڇي ناهي ڦاٿي. هن چيو ته اصل ڪنگ پارٽي جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو، پاڪستان آڻڻ واري کي ايون فيلڊ ۾ بند ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي ڀت سان لڳائڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو.

شيخ رشيد چيو ته 13 آگسٽ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ گهرجن ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، شفاف چونڊون ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهن ٿيون. هن چيو ته برياني ملاقاتون ڪو فائدو نه ڏنو، هن چيو ته وزير چون ٿا ته آ ايم ايف معاهدو آمريڪا مخالف بيان بازي سبب نه ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چوي ٿو ته معاهدو جون ۾ ٿي ويندو، ناڻي وارو وزير چوي ٿو ته آ ايم ايف سياست ڪري رهيو آهي، وزيرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف معاهدو آمريڪا مخالف بيان بازي سبب نه ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چوي ٿو جون ۾ ٿي ويندو، ناڻي وارو وزير چوي ٿو آءِ ايم ايف سياست ڪري رهيو آهي، ڇا اهڙي طريقي سان حڪومت هلندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button