پاڪستانخيبرپختونخوا

آئيني مدي کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي: فضل الرحمان

پشاور: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون آئيني مدي کانپوءِ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪي معيشت کي بي رحميءَ سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ ۽ حڪومتي اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان هن وقت معاشي بحران جو شڪار آهي. مشڪلاتن باوجود بجيٽ کي متوازن قرار ڏنو ويو آهي. جي يو آءِ عوام کي رليف ڏيڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ شامل رهندي. هن چيو ته 9 مئي تي حملن جي واقعن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اسان جي ملڪي سياست ۾ وابستگي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.

اسان سياست جي اُٿل پٿل کي ويجهي کان ڏٺو آهي، پاڪستان جي قيام جو بنيادي مقصد اسلام جو نفاذ ۽ عادلانه نظام هو، اسان جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي ۽ پاڪستان کي سيڪيولر ملڪ طور متعارف ڪرايو ويو، ملڪ جي اسلامي تشخص لاءِ جدوجهد جاري رکندي چونڊ مهم جو حصو بڻائينداسين. ملڪ جي معيشت کي وڌائڻ هڪ چئلينج آهي. اسان جي پرڏيهي پاليسي پاڪستان کي فائدو ڏيڻ گهرجي. فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ چين جي 70 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٻڏي وئي. سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۽ چين دوستي معاشي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کي عالمي سازش تحت ڪيو ويو، اسان مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته . قوم اڄ به تڪراري فيصلي جي قيمت ادا ڪري رهي آهي، چئني صوبن کي عام چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button