پاڪستانپنجاب

سزا ڏيڻ عدليه جو ڪم آهي،اسان ڪم جاري رکنداسين: ڊي جي نيب

لاهور: قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد چيو آهي ته اسان خاموشي سان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين، جوابدارن کي سزا ڏيڻ عدليه جو ڪم آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين نيب جو چوڻ هو ته اسان سڀ کان پهريان نيب ۽ پاڻ کي سڌاري رهيا آهيون، قوم جيڪا ذميواري ڏني آهي سا پوري ڪنداسين، متاثرن جي مدد لاءِ نئين پاليسي ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي رهي آهي پر ڪرپشن ڪيسن ۾ رڪوري به وڌي رهي آهي، نيب آفيسرن کي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ڪيسن کي اڪلائڻ گهرجي، آئون واعدو ڪيان ٿو ته نيب جو وڃايل وقار واپس ڪرائيندس. چيئرمين نيب چيو ته اسان جو بنيادي مقصد ڪرپشن ۽ وائيٽ ڪالر ڪرائم جو خاتمو آهي ۽ ان حوالي سان اسان جي ڪوششن جا نتيجا ڪجهه وقت کانپوءِ نظر ايندا. ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد چيو ته تنقيد کي مسڪراهٽ سان برداشت ڪنداسين ۽ خاموشي سان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button