پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت چين کان سوين هائبرڊ بسون خريد ڪندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽر شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پهرين جولاءِ 2023 کان شروع ٿيندڙ مالي سال ۾ چين کان سوين هائبرڊ بسون خريد ڪندي. نجي خابرو اداري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وزير اطلاعات ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي جي عوام جي سهولت جي لاءِ بسن جي ضرورت آهي، اسان ويجهڙائي ۾ چين کان بسون خريد ڪيون آهن ۽ هو ڪافي اينڌن جون بچت ٿيون ڪن. اسان ايندڙ مهيني ۾ وڌيڪ بسون وٺڻ جو ارادون رکون ٿا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته چيني بسون فائديمند رهنديون ۽ اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪنالوجي کان وڌيڪ فائدو کنيو وڃي، ان کان پهريان سنڌ حڪومت مالي سال 24-2023 جي صوبائي بجيٽ ۾ 500 هائبرڊ بسون خريد ڪرڻ لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه صوبائي بجيٽ پيش ڪندي صوبائي ٽرانسپورٽ کاتي لاءِ 13 ڏهائي 4 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button