
افغانستان جي بالر نوين الحق آئي پي ايل ۾ ٿيل جهيڙي بابت انڪشاف ڪيو آهي تھ ويرات ڪوهلي کي ميچ دوران يا بعد ۾ مون ڪجهه نھ چوڻ گهرجي ها، پر ميچ بعد هٿ ملائيندي هن ڪجهه چيو ۽ جهيڙي جي شروعات ڪئي. نوين الحق جو چوڻ هو تھ ميچ بعد اسان هٿ ملايو تھ ڪوهلي سختي سان پڪڙيو، مان انسان آهيان، ردعمل ڏيڻ فطري عمل آهي.