
پاڪستان جي فٽبال فيڊريشن ساف چيمپيئن شپ ۾ اڄ ڀارت خلاف رٿيل فٽبال ميچ ري شيڊول ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي ايف ايف ساف مينيجمينٽ کي لکيو آهي تھ ويزا مسئلن سبب ٽيم جي ڀارت پهچڻ ۾ دير سبب ميچ ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي، اسان کي 32 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهي، تنهنڪري ميچ ري شيڊول ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ تھ ٽيم جو مقرر وقت تي ڇهچڻ ڏکيو آهي. پي ايف ايف ساف مينيجمينٽ کي اي ميل ڪري ميچ جو ڏينهن بدلائڻ جو چئي ڇڏيو آهي، پر ساف پاران ان معاملي کي ڪو ردعمل ناهي.