رانديون

پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق گالي ۽ ڪولمبو ۾ پاڪستاني ٽيم ميزبانن خلاف جولائي مهيني ۾ سيريز کيڏندي. پي سي بي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا پاران جاري ڪيل شيڊول تحت پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ گالي اسٽيڊيم ۾ 16 جولائي کان 20 جولائي تائين ٿيندي. جڏهن تھ ٻي ٽيسٽ ڪولمبو ۾ 24 جولائي کان 28 جولائي تائين کيڏي ويندي. ياد رهي تھ ٻنهي ٽيمن سريلنڪا ۾ آخري ڀيرو ٽيسٽ سيريز 2014ع ۾ کيڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button