
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر هارو رشيد چيو آهي تھ ورلڊ ڪپ جي ٽيم ۾ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي شموليت کي رد نٿو ڪري سگهجي. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هارون رشيد چيو آهي تھ ڀارت ۾ رٿيل ون ڊي ورلڊڪپ ۾ شموليت کان اڳ سرفراز جي ڪارڪردگي کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ٽيسٽ ۾ ان جي شموليت سندس پرفارمنس سبب آهي.