رانديون

ساف چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي شڪست ويزا مسئلو قرار ڏنا ويا

ساف چيمپئين شپ جي ايونٽ ۾ روايتي مخالف ڀارت هٿان پاڪستاني ٽيم جي شڪست جو سبب ويزا ۾ دير جو مسئلو ۽ فلائيٽ وقت سر نھ ملڻ ۽ اهڙي صورت ۾ ميچ جي شيڊول هجڻ قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي فٽبال ٽيم جي ڪوچ ٽوربين وٽاجوسڪي ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ ڀارت هٿان شڪست جي حوالي سان بيانيو ٺاهي ورتو آهي، جنهن تحت هن جو چوڻ آهي تھ ٽورنامينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ويزا ملڻ، فلائيٽ مسئلن سبب ٽيم شڪست کاڌي، ڇاڪاڻ تھ رانديگر ٿڪاوٽ جو شڪار هئا، جنهن جو اظهار انهن جي ڪارڪردگي مان نمايان طور تي ظاهر ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button