
پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي نارملائيزيشن ڪاميٽي جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق فيفا ڪائونسل جي ٿيل اجلاس ۾ نارملائيزيشن ڪاميٽي جي ڪارڪردگي سامهون رکي ان جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نارملائيزيشن ڪاميٽي اڃا تائين هيٺين سطح جي چونڊ عمل ۾ مصروف آهي. هوڏانهن جاري ڪيل بيان ۾ فيفا عهديدارن پاران چيو ويو آهي تھ نارملائيزيشن ڪاميٽي بابت فيصلن جو اعلان 30 جون تي ڪيو ويندو، جنهن ۾ سمورا معاملا بيان ڪيا ويندا، جيڪي آفيشل پڌرنامو هوندا.