
پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد آئي پي ايل ۾ ويرات ڪوهلي ۽ گوتم گمڀير وچ ۾ ٿيل جهيڙي تي ڳالهائيندي چيو آهي تھ ميدان ۾ رانديگرن وچ ۾ جهيڙا ٿيندا رهندا آهن، مينيجمينٽ جي ماڻهو جو وچ ۾ اچڻ حيران ڪندڙ آهي. هن چيو تھ ويرات ڪوهلي وڏو رانديگر آهي، گوتم گمڀير کي ساڻس رابطو ڪري معافي وٺڻ گهرجي ها، ان سان قدر وڌيس ها.