پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي چونڊ ۾ قانوني ويڙهه شروع ٿيڻ بعد امڪاني طور رنڊڪ پئجي وئي آهي، جنهن بابت ٻڌڻي سڀاڻي لاهور هائي ڪورٽ ۾ ٿيندي. ميڊيا مطابق لاهور هائي ڪورٽ ۾ اڳوڻي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي ميمبرن شڪيل شيخ ۽ گل زادا درخواست ڏئي چيئرمين جي چونڊ روڪڻ جي استدعا ڪئي آهي، جنهن تي عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سڀاڻي سومر ڏينهن ان جي ٻڌڻي رکي آهي. درخواستگذارن پنهنجي درخواست ۾ پي سي بي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي ڌر بڻايو آهي. لاهور هائي ڪورٽ جي جسٽس ساجد محمود سيٺي جي سربراهي ۾ بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪندو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين جي چونڊ بابت اهم فيصلي جو امڪان آهي. هوڏانهن پي سي بي جي چيئرمين جي چونڊ شيڊول تحت اڱاري تي رکي وئي آهي، جنهن ۾ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن مان هڪ کي چيئرمين چونڊيو ويندو، پر پي سي بي جي رواويت تحت پيٽرن ان چيف وزيراعظم شهباز شريف جي نامزد ڪيل ٻن ميمبرن ذڪا اشرف ۽ مصطفيٰ رمدي مان ڪنهن هڪ جي ٿيندي، جنهن ۾ ذڪا اشرف جي چونڊجڻ جا چٽا امڪان آهن، پر معاملو عدالتي فيصلي سان مشروط ٿي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close