![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2023/06/ashes-women-aus-vs-eng-e1687698501966-780x470.jpg)
ويمن ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 463 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن تي آسٽريليا جي برتري موجود آهي. ميڊيا مطابق ويمن ايشز جي چوٿين ڏينهن واري راند دوران پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ٽيمي ڊبل سينچري يعني 208 رنسون ٺاهي ٽيم جي اسڪور کي بهتر بڻائي ورتو، پر باقي بيٽرز سندس ساٿ نھ ڏئي سگهيون ۽ سڄي ٽيم 463 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا جي بالرن ايشلي گارڊنر 4 ۽ ٽهليا مڪگراٿ 3 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن آسٽريليا ٻي اننگز ۾ 6 وڪيٽون وڃائي 198 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، آئوٽ ٿيندڙن ۾ فوئبي لچفيلڊ 46، ايلسي پيري 25، ٽهليا مڪگراٿ هڪ، جيس جوناسين 14 بيٿ موني 85، ايشلي گارڊنر هڪ رنس تي آئوٽ ٿي ويون ۽ انابيل سٿرلينڊ 15 رنسن ۽ ايليسا هيلي 9 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.