رانديون

پاڪستان ٽيسٽ سيريز کٽڻ لا بھ پرعزم، اسڪواڊ چٽاگانگ پهتو

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ۾ ڪلين سوئيپ ڪرڻ بعد سيريز کٽڻ لا بھ پرعزم آهي ۽ اها اهڙو ارادو کڻي ڍاڪا کان چٽاگانگ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق چٽاگانگ پهتل ٽيسٽ اسڪواڊ پهرين ٽيسٽ جمعي ڏينهن کيڏندو، جتان پهرين ٽيسٽ بعد بالنگ ڪنسلٽنٽ ويرنن فلينڊر ٽيم کان ڌار ٿي ويندو ۽ پهرين ڊسمبر تي واپس ڏکڻ آفريقا ويندو. هوڏانهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ محمودالحسن جوئي ۽ ريجور رحمان راجا ڊيبو طور کنيا ويا. جڏهن تھ اوپنر شڪيب الحسن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پر سندس کيڏڻ جو فيصلو ان جي فٽنيس ڏسي بعد ۾ ڪيو ويندو. اسڪواڊ ۾ ڪپتاني مومن الحق حوالي ٿي آهي. جڏهن تھ مشفيق الرحيم، شادمان اسلام، نجم احسن شنٽو، لٽن داس، نورالحسن سوهن، مهدي حسن مرزا، نعيم حسن، تيج السلام، عبادت حسين، ياسر علي ۽ ٻيا اسڪواڊ ۾ شامل آهن. ٻئي پاسي پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ، ٽي 20 سيريز ۾ پاڪستان جي ڪاميابي گهٽ ناهي، ڇوتھ بنگلاديش جون پچز دلچسپ راند خاطر ٺاهيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button