رانديون

ايشون جا 12 شڪار، ڀارت هٿان ويسٽ انڊيز کي اننگز ۽ 141 رنسن تان شڪست

ڀارت اننگز ۽ 141 رنسن تان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ٻن ميچن واري ٽيسٽ سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڊومينيڪا ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارت ويسٽ انڊيز کان ٽيسٽ کسي ورتي، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم 5 وڪيٽن تي 421 رنسون ٺاهيون، بيٽرن ۾ جيسوال 171 ۽ ڪپتان روهت شرما 103 رنسن جي فيصلائتي اننگز کيڏي ويا. جڏهن تھ ويرات ڪوهلي 76 ۽ رويندر جديجا بھ 37 رنسن سان پاڻ ملهايو آهي. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز پهرين اننگز ۾ 150 رنسون ۽ ٻي اننگز ۾ 130 رنسون ٺاهي سگهي آهي، ٻي اننگز ۾ ويسٽ انڊيز جي بيٽرن ايلڪ ايٿنيز 28، جيسن هولڊر 20، جوشوئا ڊا سلوا ۽ الزاري جوزف 13، 13 رنسون ڪيون، ڀارتي بالر روچندرن ايشون پهرين اننگز ۾ 5 ۽ ٻي 7 شڪار ڪري ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. ويسٽ انڊيز پهرين اننگز ۾ 150 ۽ ٻي ۾ 130 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڀارتي بيٽر يشاسوي جيسوال 171 رنسن سان پليئر آف ديميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button