
ڀارت ۾ آئي سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ميچ کان اڳ ئي احمد آباد ڏي ويندڙ جهازن جي ڀاڙن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق احمد آباد ڏي ويندڙ جهازن جي ڀاڙن ۾ انتظاميا 10 کان 15 سيڪڙو تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽس موجب ميچ جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ بعد ٽڪيٽن جو وڪرو وڌيو آهي.