رانديون

بنگلاديش ويمن ون ڊي ۾ پهرين ڀيرو ڀارت کي هارائي ڇڏيو

بنگلاديش جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم پهريون ڀيرو ون ڊي ۾ ڀارت کي 40 رنسن تان شي ايل ايس ميٿڊ تحت شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ميرپور ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ بنگلاديش 152 رنسون ڪيون، جنهن ۾ ڀارتي بالر امن جوت ڪور 4 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نھ ٿي سگهي. هوڏانهن ڀارت ويمن  ٽيم ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت 44 اوورن ۾ 154 رنسن جي مليل هدف کي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ 113 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ بنگلاديش جي ماروفا 4 ۽ رابعا 3 شڪار ڪري ٽيم کي فتح ڏياري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button