رانديون

شاهين 3 شڪار ڪري ورتا، سريلنڪا جون 6 وڪيٽن تي 242 رنسون

پاڪستان جي تيز بالر شاهين شاهه آفريدي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ۾ زخمي ٿيڻ جي سالن بعد وري بھ سريلنڪا خلاف ئي ٽيسٽ ۾ زوردار نموني واپسي ڪندي پهرين ڏينهن ئي 3 اهم وڪيٽون وٺي ڇڏيون آهن. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو شروعات ۾ بهتر نھ لڳو، بعد ۾ اينجليو ميٿيوز ۽ ڌننجيا ڊي سلوا شاندار اننگز کيڏندي ٽيم کي بهتر اسڪور تي آڻي ڇڏيو. گال جي ميدان تي پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن سريلنڪا جا 3 اهم بيٽر شاهين آفريدي هٿان شڪار ٿيا آهن، جنهن ۾ شاهين آفريدي اٿندي ئي اوپنر نشان مڌوشاڪا کي 4 ۽ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني کي 29 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪوشل مينڊس 12 رنسن تي شاهين آفريدي جو شڪار ٿيو. جڏهن تھ اينجليو ميٿيوز مزاحمت ڪندي 64 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن کي ابرار احمد جي بال تي سرفراز ڪيچ پڪڙي آئوٽ ڪيو. اهڙي ريت نسيم شاهه ڪوشل مينڊس کي رڳو هڪ رنسن تي آئوٽ ڪري واپسي جي ٽڪيٽ وٺرائي ڇڏي، آغا سلمان راند ختم ٿيڻ وقت سديرا سماراوڪرما 25 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. جڏهن تھ ڌننجيا ڊي سلوا محتاط راند کيڏندي 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا هڻي 94 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي، راند ختم ٿيڻ تي سريلنڪا 6 وڪيٽن تي 242 رنسون ٺاهيون هيون، برسات سبب 66 اوورن جي راند ٿي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button