
ارجنٽينا کي ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ فٽبالر ليونل ميسي هڪ ٻئي ميدان ۾ رونالڊو کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ليونل ميسي جي آمريڪي فٽبال ڪلب ۾ شموليت واري تقريب کي سڄي دنيا ۾ ساڍا 3 ارب ماڻهن انٽرنيٽ تي ڏٺو آهي، ان کان اڳ ڪرسٽيانو رونالڊو جي النصر ڪلب ۾ شموليت جي تقريب 3 ارب کان وڌيڪ ڏٺي وئي هئي، جنهن سان ميسي رونالڊو کان اڳ ڪڍي ويو آهي. هوڏانهن ميسي جي شموليت بعد انٽرميامي سڀني کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ ڪلب بڻجي وئي آهي.