رانديون

سعود ڊبل سينچري ٺاهي تاريخ لکي ڇڏي، ٽيم 461 تي آئوٽ

پاڪستان جي سعود شڪيل سريلنڪا ۾ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ پهرئين پاڪستاني بيٽر هجڻ جو اعزاز ماڻڻ سان گڏ پنهنجي قومي ٽيم ۾ هڪ تاريخ لکي ورتي آهي، جڏهن تھ ٽيم پهرين اننگز ۾ 461 رنسون ٺاهي ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق گال ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن تي سعود شڪيل شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي 149 رنسن تي برتري ڏياري آهي، جنهن جو ساٿ آغا سلمان علي ڏنو آهي. هوڏانهن ٽيئن ڏينهن واري راند شروع ٿيڻ وقت پاڪستان کي 91 رنسن جو خسارو هو، ڇاڪاڻ تھ اڌ ٽيم 221 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪي هئي ۽ ڪريز تي سعود شڪيل ۽ آغا سلمان علي هئا، جن جارحاڻي انداز ۾ کيڏندي اسڪور کي اڳتي وڌايو، پر آغا سلمان علي 83 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو،

پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٽئين ڏينهن واري راند جو جو منظرنامو

جنهن بعد نعمان علي 25، شاهين آفريدي 9، نسيم شاهه 6 ۽ ابرار احمد 10 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، پر سعود شڪيل بهترين راند کيڏندي 208 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي ريت پاڪستان سريلنڪا خلاف 149 رنسن جي برتري ماڻي ورتي آهي. هوڏانهن سريلنڪا جي رميش مينڊس 5 وڪيٽون ورتيون آهن، جڏهن تھ ٻي اننگز ۾ سريلنڪا جا اوپنر 14 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button