پاڪستانسنڌ

ناليوارن 40 بيوروڪريٽس پاران مهراڻ يونيورسٽي جو دورو

ڄامشورو: نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڪراچي ۾ تربيتي ڪورس ڪندڙ ملڪ جي ناليوارن 40 بيوروڪريٽس مهراڻ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. 33 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس تي آيل بيورو ڪريٽس کي دوري جي موقعي تي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار ۽ ڊين فئڪلٽي ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ يونيورسٽي جو تعارف ڪرايو ۽ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني وئي. مهراڻ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيل ڪمار وفد کي ٻڌايو ته مهراڻ يونيورسٽي ملڪ ۾ ترقي ڪندڙ انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مهراڻ يونيورسٽي جو تدريسي ڪاروهنوار اڪيڊمڪ ڪئلينڊر موجب وقت تي هلي ٿو. مهراڻ يونيورسٽي جي ريسرچ جرنل کي ملڪ ۾ پهرين انجيئرنگ يونيورسٽي جي امپيڪٽ فيڪٽر ريسرچ جرنل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هُن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جو تازو ئي ڪئنيڊا ۾ المنائيز جي شاندار گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي شرڪت ڪئي. وفد کي مهراڻ يونيورسٽي ۾ کليل نون شعبن، شروع ڪيل پروگرامن، جوڙيل ليبارٽرين، اسپورٽس جمنازيم ۽ ٻين ترقياتي منصوبن بابت ڄاڻ ڏني وئي. تقريب ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڪراچي جي چيف انسٽرڪٽر عبدالخالق شيخ، ڊي سي ڪيپٽن فريد مصطفيٰ، واٽر سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران انصاري، رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button