رانديون

ويمنز ورلڊ ڪپ ۾ سوئٽرزلينڊ ۽ اسپين پنهنجا ميچ کٽي ورتا

ويمنز ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ سوئٽرزلينڊ ۽ اسپين پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ورتا آهن، پر نائيجيريا ۽ ڪوسٽاريڪا جي وچ ۾ ميچ برار ٿي بنا نتيجي ختم ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق سوئٽرزلينڊ ويمن ٽيم 2 گول ڪري فلپائن ويمن کي شڪست ڏئي ڇڏي، فلپائين جي ٽيم ڪوبھ گول نھ ڪري سگهي. هوڏانهن ٻئي مقابلي ۾ اسپين 3 گول ڪري ڪوسٽاريڪا کي هارايو آهي، ڪوسٽاريڪا جون رانديگرياڻيون ڪوشش باوجود گول نھ ڪري سگهيون. ٻئي پاسي نائيجيريا ۽ ڪينيڊا جي ٽيمن ۾ مقابلو برابر رهيو، حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي تھ ٻئي ٽيمون ڪوشش ڪرڻ باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، سندن پوائينٽس هڪ، هڪ ڪري ورهايون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button