رانديون

پاڪستان کي ڀارت وڃي ورلڊ ڪپ کيڏڻ گهرجي: عطا تارڙ

وزيراعظم شهباز شريف جي خاص معاون عطا تارڙ چيو آهي تھ پاڪستان کي 100 سيڪڙو ڀارت وڃي ورلڊ ڪپ کيڏڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو تھ ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت هتي اچي يا نھ اچي، پاڪستاني ٽيم کي اتي وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ دشمن کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻي آهي. هن چيو تھ ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي ٽيم بهتر آهي، ڀارت وٽ شاهين آفريدي جهڙو تيز بالر ناهي ۽ ڪوهلي سان بابر جي ڀيٽ جڏهن بھ ٿي آهي تھ چيو ويندو آهي تھ بابراعظم وڌيڪ بهتر آهي. هن چيو تھ سياست ۽ ڪرڪيٽ جڏهن بھ مليا تھ تباهي آئي، راند کي جنگ جو ميدان نھ بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button