
پاڪستان جي ايٿليٽ صاحب اسرا کي تحفي ۾ اسپائيڪ جوتا گهرائڻ مهانگا پئجي ويا آهن. ميڊيا مطابق ايٿليٽ صاحب جي گهرايل جوتن جي قيمت 54 هزار رپين جي لڳ ڀڳ آهي، پر انهن تي حڪومت پاران لڳايل ٽيڪس 67 هزار رپين جيترو آهي. صاحب اسرا ٻڌايو تھ پراڻا جوتا ختم ٿي ويا، ڪنهن مدد ڪري جوتا موڪليا، هاڻ ٽيڪس نٿي ڏئي سگهان.