رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا ۾ مقابلو ٿيندو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پهرين مرحلي واري جي ڪواليفائر پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي ٽيمن وچ ۾ آڪٽوبر ۾ مقابلو ٿيندو. ميڊيا مطابق ورلڊ ڪپ 2026ع جي ايشين ڪواليفائرز مقابلن 20 ٽيمن ۾ مقابلن کي رٿيو ويو، جيڪو 12 آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر ۾ ٿيندو، جڏهن تھ ڪوالفائر جي ٻئي مرحلي ۾ 10 ٽيمون اينديون، جڏهن تھ 26 ٽيمن اڳ ئي ڪواليفائي ڪري چڪيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪواليفائر رائونڊ جي ٻئي مرحلي ۾ 36 ٽيمن کي 9 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي نومبر 2023ع ۽ جون 2024ع جي وچ ۾ هوم اينڊ ايوي رائونڊ رابن فارميٽ ۾ هڪٻئي خلاف مقابلو ڪنديون ۽ انهن مان فاتح ۽ رنر اپ ٽيمون ورلڊ ڪپ کيڏنديون. هوڏانهن ايشين فٽبال ورلڊ ڪپ جا ڪواليفائر بھ مٿي ڄاڻايل مقابلا ئي ڄاڻايا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button