
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي گذريل ڏينهن سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ جي ٽيئن ڏينهن اسيٿا فرنينڊو جي بائونسر تي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ بعد سندس ڪيل ميڊيڪل چيڪ ۽ ٽيسٽن جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو تھ سرفراز احمد کي سنجيدا نوعيت جو زخم ناهي، سندس طبيعت هاڻ گهڻي بهتر ٿي وئي آهي.