رانديون

پاڪستاني هاڪي ٽيم چيمپئيبنز ٽرافي ۾ خميس تي پهرين ميچ کيڏندي

پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم ايشين چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ ڀارت پهچي وئي آهي، جيڪا خميس تي پنهنجي پهرين ميچ کيڏندي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم واهگا بارڊر رستي ڀارت پهچڻ بعد امرتسر پهچي وئي آهي، جيڪا چنائي رواني ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ ايونٽ اتي رٿيو ويو آهي. عمر ڀٽا جي ڪپتاني ۾ 22 رڪني اسڪواڊ ڀارت پهچي ديرو ڄمائي ورتو آهي، جن ايونٽ ۾ ڪاميابي جو بھ عزم ڪيو آهي. جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي ايونٽ جي شروعات خميس تي پاڪستا ۽ ملائشيا ۾ مقابلي سان ٿيندي. جڏهن تھ پاڪستان جمع تي ڪوريا، 6 آگسٽ تي جاپان، 7 آگسٽ تي چين ۽ 9 آگسٽ تي ڀارت خلاف پنهنجا ميچ کيڏندو. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽيم جي ڪپتان محمد عمر ڀٽا جو چوڻ آهي تھ اسان جي ٽيم 22 رڪني آهي، جنهن جو مقصد سمورن ڇوڪرن کي آزمائڻ آهي تھ جيئن ايشين گيمز لاءِ مضبوط ٽيم تياري ڪري سگهون، تنهنڪري هي ايونٽ ان جي تياري لاءِ بهترين آهي. هوڏانهن ڪوچ ۾همد ثقلين ٻڌايو تھ سمورا ڇوڪرا فٽ آهن، اهي بهترين پرفارمنس ڏيندا. ياد رهي تھ ڪنسلٽنٽ شهناز شيخ ويزا مسئلي سبب اڃا ڀارت روانو ناهي ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button