رانديون

پاڪستان شاهين هٿان پاپوا نيوگني کي 8 وڪيٽن تان شڪست

پاڪستان شاهين جي ٽيم آسٽريليا جي دوري دوران پاپوا نيوگني جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايونٽ جي 5 ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتو چوٿين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاپوا نيوگني جي ٽيم پاڪستان خلف ٽي 20 ميچ ۾ 8 وڪيٽن تي 120 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ سيسي بائو 32، نارمن وينس 25 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستان جي اسفد علي 4 وڪيٽون وٺي پاپوا نيوگني جو اسڪور محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن تھ موٽ ۾ شاهين 2 وڪيٽن تي 13 اوور ۾ هدف حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورت، جنهن ۾ شاويز عرفان 54 رنسن سان نمايان رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button