رانديون

ورلڊ ڪپ لاءِ ٿنڪ ٽينگ پاران قومي ٽيم جي 13 نالن تي اتفاق

ڀارت ۾ رٿيل آئي سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ٿنڪ ٽينگ قومي ٽيم جي 12 کان 13 نالن تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن تھ 5 کن وڌيڪ نالن کي بعد ۾ فائنل ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق پي سي بي جي ٿنڪ ٽينڪ ڪپتان بابراعظم، شاهين آفريدي، فخر زمان، امام الحق، محمد رضوان، شاداب خان، حارث محمد رئوف، نسيم شاهه ۽ آغا سلمان جا نالا منظور ڪري ڇڏيا، جن تي ٿنڪ ٽينڪ ۾ اصولي طور اتفاق آهي، باقي 4 يا 5 نالن کي بعد ۾ مشاورت ذريعي شامل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ان حوالي سان مشاورت ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ سليڪشن ڪاميٽي جي مقرري بعد ٿنڪ ٽينگ نالا پيش ڪندي، جنهن جو اعلان بعد ۾ ٿيندو، پر ان کان اڳ اسڪواڊ جي جي نالن جي منظوري مينيجمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button