رانديون

بنگلاديش خلاف پاڪستان جي 12 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، محمد عباس ڊراپ ٿي ويو

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پي سي بي 12 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي جي پڌرائي موجب سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتاني بابراعظم وٽ ئي رهندي، نائب ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت اسڪواڊ ۾ عبداللھ شفيق، عابد علي، اظهر علي، فهيم اشرف، فواد عالم، حسن علي، امام الحق، نعمان علي، ساجد خان ۽ شاهين شاهه آفريدي بھ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جڏهن تھ محمد عباس ٽيسٽ ميچ ۾ جڳهه ٺاهي نھ سگهيو آهي. جڏهن تھ ميزبان ٽيم بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ۾ اهم رانديگر شڪيب الحسن جي انجري سبب ان کان محروم ٿي ويو آهي. جڏهن تھ محمود اللھ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي، تنهنڪري اها پڻ ڏکيائين جو شڪار آهي. ٻئي پاسي پاڪستاني ڪپتان بابراعظم جو چوڻ آهي تھ اسان جي آڏو هي ٽيسٽ سيريز اهم آهي، جنهن ۾ ڪاميابي جو سلسلو برقرار رکنداسين. هن چيو تھ بيٽنگ ڪوچ جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button