
پاڪستان جي تيز بالر شاهين آفريدي آئي ايل ٽي 20 لاءِ ڊيزرٽ وائپرز سان ٽن سالن لاءِ معاهدو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ جي هڪ ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ ايندڙ سال جنوري ۾ آئي ايل ٽي 20 سيزن کيڏندڙ پاڪستان جي پهرين ڪرڪيٽر جو اعزاز پڻ حاصل ڪري وٺندو، جنهن ٽيم سان ٽن سالن لاءِ معاهدو ڪيو آهي.