رانديون

انگلينڊ جي تيز بالر اسٽيو فن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر اسٽيو فن هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اسٽيو فن سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪري ڪرڪيٽ جي 18 سالن تي ٻڌل ڪيريئر کي الوداع ڪيو آهي. هن جاري ڪيل پوسٽ ۾ لکيو تھ وڏي عرصي کان جسم منهنجو ساٿ نھ ڏئي رهيو هو، مان گذريل هڪ سان کان سان وڙهي رهيو هئس، پر هاڻ اعتراف ڪيان ٿو تھ مان ناڪام ٿي ويو آهيان ۽ رٽائرمينٽ وٺًان پيو. ياد رهي تھ  اسٽيو فن ٽيسٽ ۾ 125 ۽ ون ڊي ۾ 102 وڪيٽون ورتيون آهن ۽ سندس بهترين بالنگ ٽيسٽ ۾ 79 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون وٺڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button