رانديون

اسپين پهريون ڀيرو ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ کٽي ورتو، انگلينڊ کي شڪست

اسپين جي ويمنز فٽبال ٽيم پهريون ڀيرو ويمنز فيفا ورلڊ ڪپ کٽي ورتو آهي، جڏهن تھ انگلينڊ ويمنز کي شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ هڪ گول تان شڪست کائي ٽرافي حاصل ڪرڻ کان رهجي ويو آهي. فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ جي اولگا ڪارمونا ميچ جو اڪيلو گول ڪري ٽيم کي ويمنز ۾ فٽبال جو چيمپيئن بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ انگلينڊ جي ٽيم سخت مزاحمت ۽ شاندار راند کيڏڻ باوجود هڪ بھ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

ايوارڊ حاصل ڪندڙ ويمنز فٽبالر

ويمنز فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي مقابلن ۾ شاندار پرفارمنس تي اسپين جي رانديگرياڻي ايٽانا بونمٽي گولڊن بال جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي، جڏهن تھ انگلينڊ جي گول ڪيپر ميري ايرپس گولڊن گلووز جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي. ميچ جي بهترين نوجوان رانديگرياڻي جو ايوارڊ اسپين جي سلما پاراليوئلو ۽ جاپان جي هناتا ميازوا گولڊن بوٽ جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button