رانديون

اسپين جي ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ کٽڻ دوران ڪپتان جو والد فوت

فيفا ويمنز ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم جي ڪپتان اولگا ڪارمونا کي ٽرافي کٽڻ جو جشن ملهائڻ دوران مينيجمينٽ کيس سندس والد جي فوت ٿي وڃڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن تي سندس دل ۽ دماغ صدمي ۾ اچي ويا، پر هن ڏک کي پنهنجي اندر ۾ لڪائي ساٿي رانديگرياڻين سان گڏجي نھ رڳو ٽرافي کڻي ميدان ۾ جشن ملهايو، پر اکين مان ڳڙي آيل ڳوڙها لڪائي ٽهڪ ڏيندي ساٿياڻين سان گڏ هنگامو پڻ ڪيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اولگا ڪارمونا جو والد بيمار هو، جيڪو جمعي ڏينهن وفات ڪري ويو، پر ٽيم مينيجمينٽ کيس ان ڳالهه جو اطلاع آچر تي فائنک کيڏڻ بعد ڏنو. هوڏانهن اولگا ڪارمونا سوشل ميڊيا تي والد جي تصوير سان گڏ پنهنجي ميڊل کي چمي ڏيڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو تھ بابا مون کي خبر آهي تھ اڄ رات تون مون کي کيڏندي ڏسي رهيو آهين، توکي يقينن مون تي فخر ٿيندو، دعا آهي تھ تنهنجو روح پرسڪون رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button