پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ جي ڪپتان بابراعظم افغانستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ 100 سيڪڙو پرفارمنس ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ رانديگرن کي پڻ پيغام ڏنو آهي تھ اهي بھ 100 سيڪڙو پرفارم ڪن. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن ۾ ٽن ميچن واري سيريز جو پهريون ون ڊي سڀاڻي کيڏيو ويندو. جڏهن تھ پهرين ون ڊي جي ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف همبنٽوٽا پهچي قومي ٽيم جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي انهن کي اتساهه ڏنو آهي. ذڪا اشرف رانديگرن سان ڳالهائيندي جو چوڻ هو تھ اوهان اعتماد سان ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪيو ۽ ورلڊ ڪپ کٽي ملڪ ۾ آڻيو، هن چيو تھ ٽيم جو مومنٽم تيار آهي، سٺا رانديگر ٽيم ۾ آهن، ڪوبھ سبب ناهي تھ افغانستان خلاف سيريز ۾ ڪاميابي ۽ ايشيا ڪپ ۾ فتح نھ ماڻي.
هوڏانهن پي سي بي سان ڳالهائيندي ڪپتان بابراعظم جو چوڻ هو تھ اسان ڀرپور تياري ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تھ ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جا ايونٽ مٿان آهن، پر هن وقت اسان جو فوڪس افغانستان تي آهي. بابراعظم چيو تھ ٽيم ۾ طيب طاهر سميت نوان رانديگر فارم آهن، تنهنڪري اسين فتحياب ٿينداسين.