رانديون

ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان کي فتح جو سٺو موقعو ملندو: راشد لطيف

ڪراچي: قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان کي فتح جو سٺو موقعو ملندو. پاڪستان ڪرڪيٽ جي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ راشد لطيف چيو ته ايونٽ ۾ 3 پاڪ-ڀارت ميچن جو امڪان آهي، خاص ڪري پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالنگ تمام سٺي آهي. ڀارتي ٽيم کي ڪجهه مسئلا آهن، پاڪستان کي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري کٽڻ گهرجي. هن چيو ته بابر اعظم پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي. اها هڪ بهترين رانديگر جي نشاني آهي، ڪپتان ٿيڻ کانپوءِ سندس ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي. راشد لطيف چيو ته ليگز ۾ شرڪت سٺي ڳالهه آهي، اسان جي ايڪسپورٽ بند آهي، اسان رانديگرن کي ايڪسپورٽ ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ڇو نه ڪريون، ويسٽ انڊيز به ائين ئي ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button