رانديون

آسٽريليا ۾ 65 سالن بعد تيز بالر پيٽ ڪمنز ٽيسٽ ڪپتان مقرر

آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ٽم پين پاران عورت ملازما کي نامناسب پيغام ملڻ تي عهدو ڇڏڻ بعد ڪرڪيٽ آسٽريليا نئين ٽيسٽ ڪپتان طور پيٽ ڪمنز ۽ نائب ڪپتان طور اسٽيو سميٿ کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پيٽ ڪمنز آسٽريليا ۾ 65 سالن بعد ڪپتان ٿيندڙ پهريون تيز بالر آهي. ان حوالي سان پيٽ ڪمنز جو چوڻ هو تھ ٽيم جي ڪپتاني ملڻ وڏو اعزاز آهي، مان اڳوڻي ڪپتان ٽم پين جيان ڪاميابين جي تسلسل کي برقرار رکندس. هن چيو تھ اسٽيو سمٿ ۽ ان جهڙن تجربيڪار رانديگرن سان مشوري سان ذميداري نڀائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button