رانديون

ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ٽيم کي صدر برابر پروٽوڪول ڏيڻ جو فيصلو

پاڪستان جي دوري دوران ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي صدر برابر سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا جي ويمن ٽيم 27 آگسٽ تي ڪراچي پهچندي، جيڪا 15 سيپٽمبر تي واپس رواني ٿي ويندي. جڏهن تھ آفريقي ويمنز ٽيم ڪراچي ۾ پهرين سيپٽمبر، 3 ۽ 5 سيپٽمبر تي ٽي 20 ۽ 8 سيپٽمبر، 11 ۽ 14 سيپٽمبر تي ون ڊي ميچ کيڏندي، جن جا وقت پڻ طئي ڪيا ويا آهن. هوڏانهن 15 سيپٽمبر تائين رٿيل دوري ۾ مهمان ٽيم جي سيڪيورٽي جو پلان ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ٽيم جي سيڪيورٽي تي سنڌ پوليس جا ڪمانڊوز، ايس ايس جي ڪمانڊوز ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويندو، ان کان اڳ ٽيم جي اچ وڃ وارن رستن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ذريعي ڪليئر ڪرايو ويندو ۽ عمارتن جي ڇتين تي سنائپرز کي مقرر ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button