رانديون

عمر اڪمل پابندي سبب ڌيءَ جي تعليم متاثر ٿيڻ تي روئي ڏنو

پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳڻ سبب ڌيءَ جي اسڪولي تعليم متاثر ٿيڻ جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽر عمر اڪمل هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو آهي تھ مان پيشور ڪرڪيٽر آهيان، اهو ئي گذر سفر جو ذريعو پڻ آهي، تنهنڪري ڪرڪيٽ ۾ پابندي لڳڻ بعد مالي حالتون تنگ ٿيون، جو مان ڌيءَ جي اسڪولي فيس بھ نھ ڏئي سگهيس ۽ اها 8 مهينا گهر ويٺي رهي. هن چيو تھ ٽڪ ٽاڪ ٽريننگ بابت ٺاهيان ٿو، ڪجهه ماڻهن کي اهي نٿيون وڻن ۽ تنقيد ڪن ٿا. هن چيو تھ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي نھ لڳائڻ گهرجي اها ڪيترائي گهر هلائيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button