
ڏکڻ ڪوريا جي رانديگرياڻي اين سي ينگ بي ڊبليو ايف بيڊمنٽن 2023ع جي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق اين سي ينگ ويمنز سنگلز جي فائنل مقابلي ۾ پنهنجي مخالف رانديگرياڻي اسپين جي ڪيرولينا ماريا مارٽن کي شڪست ڏئي ٽرافي حاصل ڪري ورتي آهي. هوڏانهن اين سي ينگ چيمپيئن شپ کٽيندڙ ملڪ جي پهرين عورت بڻجي وئي آهي.