رانديون

ذڪا اشرف جي امڪاني برطرفي خلاف حڪومت کان جواب طلب

پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف جي امڪاني برطرفي خلاف درخواست تي لاهور هائي ڪورٽ وفاقي حڪومت کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال چيئرمين پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي ذڪا اشرف جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن درخواست کي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ جسٽس شاهد ڪريم ڏي موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست کي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڏي موڪلڻ واري استدعا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ بيان ڏيندي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو تھ معاملو ڪابينا ڊويزن ۾ آهي، جنهن کي عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي. ذڪا اشرف جي وڪيل چيو تھ سيڪريٽري پي سي بي ورلڊ ڪپ کان اڳ پنهنجي مينيجمينٽ ڪاميٽي آڻڻ گهري ٿو، جنهن وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي خط پڻ لکيو آهي، جيڪو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button